شمس العلوم مدرسو

شمس العلوم مدرسو: هيءُ مدرسو امير محمد شاهه'>سيد امير محمد شاهه اميناڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ دادوءَ ۾ قائم ٿيو. پهرين هن مدرسي جو انتظام مولانا محمد سهراب چارڻ جي حوالي هو. هن مدرسي ۾ قرآن شريف، فقھ، حديث، اصول، منطق ۽ حفظ قرآن جي تعليم ڏني ويندي هئي. فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مولانا محمد سهراب ڏيندو هو. 1956ع ۾ هن مدرسي جي بهتر ڪارڪردگي ڏسندي سرڪاري طور منظور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن مدرسي ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ پرائمري تعليم به ڏني ويندي آهي. هن مدرسي مان ڪيترا شاگرد عالم دين ٿي نڪتا آهن، جن ۾ مشهور عالم، مولوي احمد ڪوهستاني (پيش امام جامع مسجد سرهاڙي)، مولوي عطا احمد ڪوهستاني (پيش امام مسجد اقصيٰ (دادو)، مولوي علي حيدر شاهاڻي بلوچ (پيش امام، مسجد سول اسپتال دادو) ۽ مولوي قادر بخش شيخ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو